Salal Baloch,Human Right violation, Freedom, sindh, Balochistan , BSO, BSO Azad, BNM, Abdul Jabbar

Wednesday, May 27, 2020

کنڀيل شاهد جوڻيجو جي وني شبانا جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ گهر ڀاتين اڄ 10 هين ڏينهن به لاڪ ڊائون سبب سماجي وٿي برقرار رکندي پنهنجي گهر ۾ سندس مڙس جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو،


ڏوڪري (ت ر ) کنڀيل شاهد جوڻيجو جي وني شبانا جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ گهر ڀاتين اڄ 10 هين ڏينهن به لاڪ ڊائون سبب سماجي وٿي برقرار رکندي پنهنجي گهر ۾ سندس مڙس جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شاهد جوڻيجي جي وني شبابا جوڻيجو ، ڀيڻ ممتاز خاتون ۽ ڌيءُ اندرا جوڻيجو چيو ته شاهد جوڻيجو 34 مھينن کان جبري طور کنڀي گم ڪيل آهي، اسان عدالتن جو جو به در کڙڪايو آهي، ڪٿان به اسان کي شاهد جوڻيجي آزادي جو ڪو به آسرو ناهي مليو، شبانا جوڻيجو وڌيڪ چيو ته منهنجو مڙس شاهد جوڻيجو نه ته دهشتگرد آهي نه ئي هن ڪو دهشتگردي ڪئي آهي، شبانا جوڻيجو وڌيڪ چيو ته منهنجو مڙس شاهد جوڻيجو هڪ باصلاحيت ۽ سياسي شعور رکندڙ فرد کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، شاهد جوڻيجي جي ڌيءَ اندرا جوڻيجو چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي بابا جو ڪو ڏوهه آهي ته هن کي عدالت ۾ آڻيو، شاهد جوڻيجي وني شبانا جوڻيجو وڌيڪ چيو ته اسان جي گهر ۾ ماتم متل آهي، انساني حقن جو تنظيمون فوري طور نوٽيس وٺي سندس ور
کي آزاد ڪرائي خاندان ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪن.

No comments:

Post a Comment