Salal Baloch,Human Right violation, Freedom, sindh, Balochistan , BSO, BSO Azad, BNM, Abdul Jabbar

Wednesday, May 27, 2020

ڪراچي (پ ر)وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوهار پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته 10 مئي مائرن جو عالمي ڏينهن آهي جنهن جي مناسبت سان وائيس فار مسنگ پرسن آف سنڌ فيصلو ڪيو آهي

ڪراچي (پ ر)وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوهار پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته 10 مئي مائرن جو
عالمي ڏينهن آهي جنهن جي مناسبت سان وائيس فار مسنگ پرسن آف سنڌ فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي مائرن سان يڪجهتي طوري سوشل ميڊيا جي ٽوئٽر هيش ٽيگ سان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ٽوئٽر تي ٽرينڊ هلايو ويندو جيڪو مائرن جي عالمي ڏهاڙي جي صبح 10 وڳي کان رات 12 وڳي تائين جاري رهندو، وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ
جي ڪنوينر سورٺ لوهار پنهنجي بيان ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) تي پابندي مڙهڻ جون خبرون اخبارن ۾ اچڻ بعد پنهنجو رد عمل ڏيندي وڌيڪ چيو آهي ته جسقم هڪ پرامن سياسي پارٽي آهي، جيڪا سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري نظرئي تي سنڌ جي آزاديء ۽ قومي حقن لاءِ سياسي جدوجهد ڪري رهي آهي، اخبارن جي خبر موجب حڪومت جسقم جهڙي سياسي پارٽي تي هنيل پابندي سنڌ جي عوام جي سياسي ۽ قومي حقن جي آواز کي دٻائڻ ۽ سياسي جدوجهد کي رياستي ڏاڍ ذريعي زبردستي ڪُچلڻ جي ڪوشش آهي، جيڪو سنڌي ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا، ادارا اڳ ئي 2017ع کان جسقم آريسر مٿان پنهنجو مسلسل رياستي آپريشن ذريعي جسقم جا ڪيترائي سياسي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا آهن، جن ۾ ايوب ڪانڌڙو، شادي خان سومرو، پٺاڻ خان زهراڻي ۽ ٻيا درجنين ڪارڪن شامل آهن، جن جي آزادي لاءِ جسقم آريسر پنهنجي ڀرپور سياسي جدوجهد ڪندي رهي آهي،رياست انهن کنڀيل سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ بجاءِ جسقم جي ئي مٿان پابندي مڙهي ڇڏي آهي، اها فريڊم آف موومينٽ، پوليٽيڪل رائيٽس آف اسٽرگل ۽ فريڊم آف ايڪپريشن جي لتاڙ آهي جنهن خلاف دنيا جي سمورن مُهذب ملڪن، انساني حقن جي ادارن ۽ سياسي آواز آواز اٿاريندڙ ڌرين کي ڀرپور نوٽيس وٺڻ ۽ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪريون ٿا، جنهن مشڪل گهڙي ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جو فورم جسقم سان گڏ آهي ۽ سنڌ جي ٻين سمورين سياسي پارٽين کي پڻ جسقم سان گڏ بيهڻ جي اپيل ڪري ٿو.

No comments:

Post a Comment