Salal Baloch,Human Right violation, Freedom, sindh, Balochistan , BSO, BSO Azad, BNM, Abdul Jabbar

Saturday, May 19, 2018

سنڌ اسيمبلي: نصرت سحر ڊپٽي اسپيڪر کي جوتو ڏيکاري ڇڏيو، ايوان مان نيڪالي

 ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل  جي ميمبر نصرت سحر عباسي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کي جوتو ڏيکاري ڇڏيو جنهن تي کيس ايوان مان هڪ ڏينهن لاءِ نيڪالي ڏني وئي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. ممتاز جکراڻي بجيٽ تي بحث ڪري رهيو هو ته ف ليگ  ميمبر نصرت سحر عباسي تي تنقيد ڪندي چيو ته ف ليگ ميمبر گوڙ ڪندي آهي، اهو نه ٻڌائيندي آهي ته هن پ پ کان ڪيترا فائدا ورتا آهن. ممتاز جکراڻي چيو ته نصرت سحر عباسي گيانچند کان بارداڻي جون ٻوريون ورتيون، هوءَ پ پ جو کائي به الزام هڻندي آهي. ممتاز جکراڻي تي الزام تي نصرت سحر عباسي گوڙ شروع ڪري ڇڏيو. ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته توهان اسان جي قيادت خلاف اهڙي قسم جا لفظ استعمال ڪنديون آهيو پر پاڻ تي ڪجهه برداشت نه ٿيون ڪيو. شهلا رضا جي ٽوڪڻ تي نصرت سحر عباسي ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ پير مٿي ڪري ڊپٽي اسپيڪر کي جوتو ڏيکاريو. شهلا رضا به ڪاوڙجي پئي ۽ ايوان ۾ موجود سارجنٽ کي نصرت سحر عباسي کي اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي سارجنٽ کيس ايوان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هن چيو ته جيڪڏهن نصرت سحر عباسي رهي ته ايئن ايوان نه هلندو، هوءَ اڄوڪو ڏينهن ايوان مان ٻاهر رهندي، سندس پارٽي کي درخواست ڪنديس ته کيس تميز سيکاري وڃي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته جوتو ڪڍڻ غلطي نه پر ڏوهه آهي، جنرل ضياءَ جا پاليل ماڻهو ايوان ۾ جوتا ڏيکاري سگهن ٿا. اجلاس دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار تقرير ڪئي ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي نالي سان سڏيو جنهن تي شهلا رضا کيس ڇنڊ پٽي ته منهنجو نالو تميز سان وٺو شهلا شهلا نه ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جوتو هنيو ته چوندس هائوس جي قابل ناهي، پنجن ڏينهن ۾ نهايت غلط ٻولي ايوان ۾ استعمال ڪئي وئي. ان دوران اسيمبلي ۾ شديد گوڙ ٿيو ۽ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. ڊپٽي اسپيڪر ميمبرن کي بار بار خاموش رهڻ جي هدايت ڪندي رهي پر اسيمبلي ميمبرن ايوان ۾ گوڙ ڪيو.

No comments:

Post a Comment