Salal Baloch,Human Right violation, Freedom, sindh, Balochistan , BSO, BSO Azad, BNM, Abdul Jabbar

Saturday, July 11, 2020

سنڌ کي غلام ڪري ان جي وسيلن تي پنجاب جي بالادستي قائم ڪئي وئي آهي، ، تنهن ڪري سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي پنهنجي قلم کي تلوار

لطيف جي سنڌ کي غلام ڪري ان جي وسيلن تي پنجاب جي بالادستي قائم ڪئي وئي آهي،
، تنهن ڪري سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن کي پنهنجي قلم کي تلوار وانگر هلائي سنڌ کي پنهنجن قومي وسيلن ۽ ڌرتيءَ تي مالڪي ڏيارڻي پوندي. موجوده دور ۾ سنڌ وڏن خطرن ۾ وڪوڙجي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان اديبن جو فرض ٿو ٿئي ته هو پنهنجي قلم کي تلوار جيان استعمال ڪن. اسان جي ثقافت، ٻولي، اجرڪ ۽ ٽوپي خطري ۾ پئجي ويا آهن، سنڌ ۾ اعليٰ عهدن تي ويٺل آفيسر پنجاب جا مقرر ڪيل آهن. سنڌ جون حالتون انگريزن جي دور ۾ موجوده حالتن کان بهتر هيون، پر هاڻ جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ کي پنجاب جي ماتحت ڪيو ويو آهي ۽ ڏنڍي جي زور تي سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي. موجوده حالتن ۾ اسان کي سنڌ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻي پوندي. قدرت به اسان کي سنڌ لاءِ پيدا ڪيو آهي. اسان پنجاب کان ان جا وسيلا نٿا گهرون، پر اسان کي سنڌ جي آزادي ۽ وسيلن تي مالڪي گهرجي.
سنڌ جو ناليواري دانشور ۽ محقق عطامحمد ڀنڀرو

No comments:

Post a Comment